رکيو خان استاد

رکـيـو خـان اسـتاد (ڪلاسيڪل طبلي نواز): رکئي خان جو جنم 18 سيپٽمبر 1941ع ۾ ماتلي، ضلعي بدين ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو مرحوم جمال خان هو. سندس نالو الله رکيو خان هو، پر سڏرائيندو رکيو خان هو. رکئي خان طبلي جي شروعات اٺن سالن جي ڄمار ۾ ڪئي. شروعاتي سکيا استاد قادر بخش خان گامڙيا کان ورتائين، 1953ع ۾ حيدرآباد جي ڪلاسيڪل طبلي نواز مرحوم استاد غلام محمد ماڙيچي جو شاگرد ٿيو ۽ سندس زندهه هجڻ تائين سندس خدمتون سرانجام ڏنائين. جنهن کان پوءِ استاد جَتي بخش خان کان به تربيت حاصل ڪيائين. رکيو خان مٽياريءَ جي سخي هاشم شاهه جي خاندان جي سجاده نشين سيد محمد زمان شاهه ڄاموٽ وٽ رهيو ۽ اتي خاص طبلي نواز جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين، ڇاڪاڻ جو سيد محمد زمان ڄاموٽ وٽ چوويهه ڪلاڪ ڳائڻ وڄائڻ وارن جي رش موجود هوندي هئي ۽ سندس بنگلي تي راڳ ويراڳ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون، انهيءَ زماني ۾ خانصاحب بڙي غلام علي جو ننڍو ڀاءُ مرحوم استاد امانت علي خان المعروف ماني خان جا فرزند استاد خانصاحب غلام عباس ۽ مٺو خان پڻ اتي تربيت حاصل ڪرڻ ايندا هئا. رکئي خان، اســـتاد خــان صـاحب امــانت عـلـي خان، مرحوم غلام عباس خان، خورشيد علي خان، استاد محمد رمضان خان، استاد منظور علي خان، استاد فتح علي خان، استاد مرحوم لعل بخش خان، مائي الله وسائي، استاد گلزار علي خان ۽ ٻين سان طبلي تي سنگت ڪئي. رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻيءَ، محمد زمان شاهه ڄـاموٽ جي دعوت، ماتليءَ ۾ ڪئي هئي، جنهن ۾ عابده پروين، استاد امانت علي خان، استاد غلام عباس خان، مرحوم شادي فقير، بلاول دبيلجئم، استاد مٺو ڪڇي ۽ رکيو خان ويا هئا. محفل ٻڌڻ کان پوءِ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، محمد زمان شاهه ڄاموٽ کان رکئي خان جي گهُر ڪئي ته منهنجي اوتاري جو خاص ڍولڪ نواز علڻ خان گذاري ويو آهي. تنهنڪري اوتارو هلائڻ لاءِ استاد رکئي خان جهڙي ماڻهوءَ جي سخت ضرورت آهي، جنهن کان پوءِ استاد رکيو خان، رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي حياتيءَ تائين سندس درباري طبلي نواز جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. رئيس ڪريم بخش جي وفات کان پوءِ بدين ۾ بادل راهيءَ سان طبلي تي سنگت ڪندو رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو